
روم جو هڪ نوجوان شهنشاهه
Caligula نهايت عياش ۽ غير فطري طبيعت جو مالڪ هو۔ هن جون ٽي ڀينرون هيون، انهن مان Drusilla کي هن زال جو درجو ڏئي ڇڏيو هو۔ Drusilla کي هو تخت تي پنهنجي ساڻ ويهاريندو هو، جڏهن ته سندس اصلي زال پري کڙڪي وٽان اهو منظر ڏسندي رهندي هئي۔
Drusilla جي جلد وفات سبب Caligula ايترو دل برداشتہ ٿيو جو هن سندس ياد ۾ کيس ديوي (Goddess) جو درجو ڏئي ڇڏيو۔ رومن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي اهڙو درجو ڏنو ويو هو۔
هن جي ٻي ڀيڻ Agrippina the Younger هئي، جيڪا سياسي معاملن ۽ محلاتي سازشن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندي هئي۔ بعد ۾ اها مشهور رومي بادشاهه Nero جي ماءُ بڻجي۔ Nero بابت مشهور آهي ته “روم سڙي رهيو هو ۽ Nero بانسري وڄائي رهيو هو”، ۽ ڪجهه تاريخدانن موجب اها باهه هن پاڻ لڳرائي هئي۔ Agrippina کي Caligula جي قتل جي سازش ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو۔
ٽئين ڀيڻ Julia Livilla هئي، جنهن کي پڻ Agrippina سان گڏ سازش جي الزام ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو۔ بعد ۾ سندس چاچي، شهنشاهه Claudius جي دور ۾ کيس يا ته قتل ڪيو ويو يا بک سبب ماري وئي۔