ڪونج

Rizwan

Moderator
Staff member
FB_IMG_1710956539666.jpg
ڪونج Sarus crane
”مير الطاف حسين ٽالپر“

ڪُونجَ جو نالو اسان وٽ فقط سياري جي مند ۾ سائبيريا جي برفاني علائقي مان لڏي ايندڙ پکين لاءِ ذهن نشين ٿيل آهي انڪري گهڻن ماڻهن جي لاءِ شايد اها ڳالھ ناقابل اعتبار ۽ حيرت جوڳي بڻجي جڏھن کين اهو ٻڌايو وڃي تہ ڪُونجَ جو هڪڙو اهڙو قسم بہ آهي جيڪو نہ فقط هن علائقي جو مستقل رهاڪو پکي آهي پر اهو اڏامندڙ پکين ۾ سڀني کان وڏي ۾ وڏو پکي بہ آهي.
جي ها.. اها حقيقت ئي آهي.
ڪُونجَ جي هن جنس جو انگريزي نالو Sarus crane آهي ۽ هن جي نئين سائنسي سڃاڻپ Grus antigone جي نالي سان ٿيندي آهي جڏنهن تہ ڪجھ عرصو پهريان تائين هن جي سائنسي سڃاڻپ Antigone antigone جي نالي سان ٿيندي هئي.
هي ڪُونجَ برصغير ڏکڻ ايشيا کان وٺي ڏور اوڀر جي ملڪن لائوس ويتنام ۽ ڏکڻ ۾ آسٽريليا تائين ٿيندي آهي. هي ڪونج لڏپلاڻ نہ ڪندي آهي ۽ جتي بہ رهندي آهي اتي سڄو سال ئي گذاريندي آهي ۽ ٻچا بہ ان ئي علائقي ۾ ڪندي آهي. ڪنھن دور ۾ جڏھن ان جي آبادي گهڻي هئي تہ هي ڪونج سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي رڻ ڪڇ، ٿر ۽ ڪارونجهر ۾ بہ رهندي هئي. هاڻي قدرتي ماحول جي بربادي سبب هاڻي ان پوري علائقي ۾ هن ڪونج جي آبادي گهٽجي 13 کان 15 هزارن تائين وڃي بچي آهي (IUCN) ۽ سنڌ ۾ تہ بلڪل بہ ڪون بچي آهي.
سارس ڪونج دنيا ۾ زنده بچي ويل اڏامندڙ پکين ۾ سڀن کان وڏو پکي ليکجي ٿو. هن جو قد 6 فوٽن تائين ٿيندو آهي. هنن جو وزن عمومن 7-8 ڪلوگرام بلڪ 12 ڪلوگرام بہ ٿيندو آهي پرن جو ڦھلاء 87 کان 98 انچن تائين ٿيندو اٿس.
ٻين ڪونجن وانگر هي ڪونج بہ پنهنجو مستقل جوڙ تاحيات ٺاهينديون آهن. هنن جي رهائش کليل سرسبز ميداني علائقن ۾ پاڻيءَ ذخيرن جي ويجهو هوندي آهي جتي هي مون سون جي برساتي موسم ۾ ٻچا ڪنديون آهن. ٻچن ڪرڻ لاءِ هي پاڻيء جي مٿان 2 ميٽر گولائي جيترو مضبوط آکيرو ٺاهينديون آهن. ٻچن جي مند ۾ هي سختيء سان پنهنجي اڪيلائيءَ جو دفاع ڪنديون آهن ۽ پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ ٻين جوڙن کي ويجهو اچڻ نہ ڏينديون آهن پر ٻچن جي مند گذرڻ کان پوء هي وري مڙي مٺ ٿي ولر جي صورت ۾ گڏجي پونديون آهن.
هندستان ۾ عام ماڻهون هنن ڪونجن سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندا آهن جنهن ڪري اتي هنن جي آبادي محفوظ بہ آهي ۽ وڌندڙ بہ اتي هي ڪونجون ماڻهن سان ايتريقدر ويجهو آهن جو زرعي آبادين ۾ ڪڻڪ يا سارين جي فصلن ۾ بہ آرام سان بغير خوف خطري جي رهن ٿيون. گهڻي ڀاڱي تہ پنهنجا آکيرا بہ سارين جي فصلن ۾ ڪنديون آهن. هنن جي باري ۾ اهو مشهور آهي تہ جڏنهن بہ ڪنهن ڪونج جو جيون ساٿي مري ويندو آهي تہ سندس جوڙيوال بہ ان جي غم ۾ ستت ئي مري ويندو آهي. هي پوري زندگي صرف هڪڙي ئي جيون ساٿي سان گذاريندڙ پکي ليکيا وڃن ٿا.​
 
Back
Top