سنڌ ۾ آن لائن جوا ۽ رات جي پيٽ ۾ امير ٿيڻ جو قاتل نشو

Rizwan

Moderator
Staff member

عاجز جمالي.

حيدر سنڌي اسان جو ويجھو مائٽ ھئو، گھر جي ڀاتين وانگر ھئو، کيس لکڻ ، پڙھڻ، ڪتاب پڙھڻ، صحافت ڪرڻ جو شروع کان شوق ھئو، ڪجھ عرصو اسان جي اباڻي ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان ۾ سنڌي چينلز جي نمائندگي ڪئي ،بعد ۾ وري ڪجھ سال اڳ ڪراچي آيو ، سندس مون کان وڌيڪ گھري دوست قادر لاشاري مون کان وڌيڪ مدد ڪئي، کيس سنڌي چينل ۾ نوڪري ڏياريائين ، ڪجھ عرصو اردو چينل ۾ رھيو، پر بول چينل جو حال اھو ھئو جو مھينن جا مھينا پگھار نه ڏيندي ھئي ، سندس پگھار جا ڪافي پئسا چينل تي رھجي ويا، ان کان پوء ٻيھر قادر جي مدد سان ھن ھڪ سنڌي چينل ۾ ڪم شروع ڪيو ، ڪجھ عرصو ڪاوش جي ڊجيٽل پيج کي به سنڀاليائين ، ٽي سال کن اڳ کيس پرائمري ماستري ملي ته مون وٽ صلاح ڪرڻ آيو ته ڇا ڪريان، مون کي بظاھر لڳو ته ڳوٺ ۾ سندس لئه سرڪاري نوڪري مناسب آھي ڇو تہ ڪراچي جھڙي شھر جا ايڏا خرچ ھئا جو سندس لئه چاليھ پنجاھ ھزار ۾ گھر ھلائڻ مشڪل ھئو،ويھ ھزار روپيا ته ڪرائي جي گھر ۾ لڳي رھيا ھئا، بجلي، گيس، راشن ، ٻارن جو اسڪول باقي ويھ ھزارن ۾ مشڪل ھئو، جڏھن تہ ڳوٺ ۾ گھر تڙ منھ ڇپر پنھنجو، خرچ گھٽ، سرڪاري نوڪري ٽي چار ڪلاڪ ، ان کان پوء ماڻھو وٽ وقت به بچي پيو، ڪو به پارٽ ٽائيم ڪم ڪري سگھي پيو، اھو سوچي مون کيس چيو يار حيدر ڳوٺ وڃ ۽ فوري نوڪري جوائن ڪر، مھيني ڏيڍ ۾ ڳوٺ پھچي حيدر نوڪري شروع ڪئي ، ڪجھ خانگي ڪم ڪري به روزانو ٻه چار ھزار ڪمائيندو ھئو، کيس فيس بوڪ تي ڏسندا رھندا ھئاسين. گذريل ٽن سالن ۾ چار پنج دفعا ساڻس ملاقاتون رھيون، ھر ڪوئي پنھنجي ڪم ڪارن ۾ مصروف رھيو، سال ڏيڍ اڳ مون کي خبر پئي ته حيدر آن لائن گيم ذريعي ڪا وڏي رقم ھارائي ويٺو، ھاڻي ڀائرن ۽ گھر وارن سان سندس ڦڏو ھلي پيو ته سندس قرض ڀريو ۽ کيس وڌيڪ پئسا به ڏيو ته جيئن ھو ھن آن لائن راند کي جاري رکي سگھي. سندس ڀائرن ۽ گھر وارن سندس قرض جا لکين روپيا به ڀري ڏنا پر حيدر آن لائن گيم جي چڪر ۾ ان حد تائين جڪڙجي چڪو ھئو جو سندس نڪرڻ مشڪل لڳو. کيس ھن آن لائن جوا جي بري طرح عادت پئجي چڪي ھئي، ھو ھن ۾ ڦاسي چڪو ھئو، موبائل فون ذريعي کيڏي ويندڙ ھن راند ذريعي بئنڪ اڪائونٽ يا ايزي پئسا جي ذريعي پئسا موڪليا ويندا آھن، جيڪي به ماڻھو راند کيڏندا آھن انھن کي آھستي آھستي نشو چڙھندو ويندو آھي ، حيدر به ھڪ رات جو 9 لک روپيا کٽيا پر ٻئي ڏينھن 12 لک روپیا ھارایائین، ایتري قدر جو سرڪاري پگھار جا پئسا لڳائيندو رھيو، يارن ،دوستن، مٽن ،مائٽن، ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻھن کان قرض کڻي ڏينھن رات پئسا لڳائيندو رھيو، ان جنون سان ته ھڪ ڏينھن ھارايل پئسا ضرور واپس ڪندو ،پر جوا ۾ ھميشه ھار رھندي آھي، عارضي جيت به ھار ۾ تبديل ٿيندي ويندي آھي ،ماڻھو مسلسل ھن جو عادي ٿيندو ويندو آھي ، جيئن ماڻھو ،ڊرگس ايڊڪ ، بڻجي ويندو آھي تيئن ئي ھي آن لائن جوا ماڻھن کي ايڊڪ يا عادي بڻائي ڇڏيو، وٽس پنج سئو ھزار روپيا به ايندا ھو ان ۾ لڳائيندو ، ساڳي صورتحال اسان جي مائٽ حيدر سنڌي جي بڻجي چڪي ھئي، گذريل سال گرمين جي موڪلن ۾ ٻيھر ڪراچي آيو، اسان جي ھڪ ڀاڻج کان موٽر سائيڪل وٺي بائيڪيا ھلائڻ لڳو، مون سوچيو جيڪڏھن ھي ٻيھر سيٽ ٿئي ٿو ته بھتر آھي، ان دوران کيس ڪافي سمجھائڻ جي ڪوشش به ڪئي ،پر عملي طور ھن آن لائن جوا نه ڇڏي، ھڪ ھزار روپيا ڪمائيندو ھئو ته اھي، پيسا به گيم ۾ لڳائيندو ھئو، ڪنھن جي به سمجھڻ سان نه سمجھيو، ٻيھر ٽنڊو رحيم ويو ته اتي ٻيھر ماڻھن کا قرض کڻي ، پئسا وٺي آن لائن گيم ۾ لڳائيندو رھيو، ھو نفسياتي طور تي ھن آن لائن گيم ۾ جڪڙجي چڪو ھئو، ۽ پئسن جي سبب ڳوٺ ۾ ڀائرن ، دوستن، مائٽن کان ڪٽجي چڪو ھئو، بلڪه آخري ڏھاڙن ۾ سخت مايوسي ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو ھئو، ان حد تائين جو کيس خودڪشيء سان رومانس ٿي ويو، نيٺ ھڪ ڏينھن رات جو دير سان زھريلي دوا پي پنھنجو انت آندائين، ھڪ ڏينھن صبح جو اھو پيغام مليو ته حيدر آپگھات ڪري پنھنجي زندگي جو انت آندو، سچ ته ھي خبر ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ھئي ، پريشان ڪندڙ ھئي ، جيء جھورڻ برابر ھئي ، ظاھر آھي ماڻھو مري وڃڻ کان پوء ھو پنھنجي پٺيان ڏک ئي ڇڏي وڃي ٿو، سندس درد سندس ويجها ماڻھو، سندس امڙ ۽ سندس اولاد ئي سمجھي سگھي ٿو جيڪي سڀ کان وڌيڪ ھن اذيت کي ڀوڳيندا ھوندا. ٽنڊي رحيم خان ۾ حيدر جي تڏي تي ويٺل ھئاسين ، ٻن ڏھاڙن جي دوران اھڙا ڪيترائي واقعا ٻڌڻ لئه مليا جن جنھجوڙي ڇڏيو، خبر پئي ته ڀر پاسي جا سوين نوجوان آن لائن گيم جي ور چڙھيل آھن ، الھ تلھ کپائي ڇڏيائون ، ڪيترن ئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ڪيترائي مالي طور تي برباد ٿي ويا، آن لائن جوا کيڏاريندڙ ڪيترائي ايپليڪيشن آھن ، گھڻو ڪري انھن ايپس تي پابندي به لڳل آھي پر ماڻھو وي پي اين ذريعي غير قانوني طور تي ڄاڻايل ايپ استعمال ڪري راند کيڏن ٿا. مون حيدر جي درد ڪھاڻي سنڌ ۾ رھندڙ انھن ھزارين نوجوانن لئه لکي آھي جيڪي ھن بيماري يا ھن نشي جي ور چڙھيل آھن ،کين گذارش آھي ته رات جي پيٽ ۾ امير ٿيڻ جو خواب انھن لئه موت جو دلدل آھي ، جنھن ۾ ڦاسڻ کان پوء وٽن ٻاھر نڪرڻ جو ڪو رستو نه ٿو بچي، حيدر سنڌي جھڙو سالم ۽ لکيو پڙھيو ماڻھو بہ ھن دلدل مان نڪري نه سگھيو، خدارا پنھنجي پيرسن مائٽن، ۽ پنھنجي معصوم ٻچن يا پنھنجين جوانين تي رحم ڪريو، ھي زندگي انتھائي حسين آھي ، جيڪا اوھان کي صرف ھڪ دفعو ملي ٿي، ان زندگيء کي پنھنجين غير حقيقي خواھشن جي کڏ ۾ نه اڇلايو ، ساڳي وقت رياستي ادارن ، حڪومت ۽ وس وارن کان اھا اپيل ڪجي ٿي ته نوجوان نسل کي جوا جو آن لائن نشو ڏيئي عادي بڻائيندڙ قوتن خلاف زوردار قسم جي ڪاروائي ڪئي وڃي، ڇوته ھن ملڪ جي قانون موجب جوا حرام ۽ غير قانوني آھي ، سو ان کي ٻنجو ڏيڻ به رياستي ادارن جو ڪم آھي ، ايف آء اي، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جھڙين ايجنسين کي اربين روپيا لٽيندڙ ھنن آن لائن گيمز جي خلاف مھم ھلائڻ گھرجي.​
 
Back
Top