سنڌو سڀيتا: محبت جو لازوال داستان
رڪ سنڌي
سنڌو ماٿري جي تهذيب جو بنياد پيار ۽ محبت تي رکيل هو. هو پاڻ ۾ بي انتها محبت ڪندا هئا. مرد ۽ عورتون خوشي جي موقعن تي گڏجي تقريبون ڪوٺائي ناچ ڪندا هئا. خاص ڪري جڏهن فصل پچي راس ٿيندا هئا ته هو فصلن جي لاباري وقت بي انتها خوش ٿي هڪ ٻئي سان اها خوشي جا لمحا ملهائيندا هئا . فصلن ۾ گڏجي ناچ ڪيو ويندو هو. جنهن ۾ مرد ۽ عورتون گڏجي بهرو وٺندا هئا. هن تهذيب جي ماڳن تان ڊانس ڪندڙ مورتين جو ملڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ناچ سندن نس نس ۾ سمايل هيو. زال ۽ مڙس ۾ ڪيتري محبت هوندي هئي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو مرڻ کان پوءِ به هڪ ٻئي کان جدائي برداشت ڪري نه سگهندا هئا. ڀارتي رياست هريانه مان سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ راکي ڳڙهي جي قبر مان هڪ مرد ۽ عورت جا گڏ پوريل لاش مليا آهن. جنهن ۾ مرد ۽ عورت جو منهن هڪ ٻئي طرف موڙيل آهي. ڄڻ ته هو مرڻ بعد به هڪ ٻئي کي ڏسندا هجن. هن جوڙي جي تدفين اهڙي طرح ڪيل آهي، ڄڻ ته مرد پنهنجي زال يا محبوبا کي مرڻ کان پوءِ به ڏسندو هجي. ساڳي طرح عورت به کيس ان محبت جي موٽ ڏئي ساڳي طرح ڏسي رهي آهي. هن قبر مان مليل جوڙي جي لاشن دنيا جي ماهرن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. 5 هزار سال اڳ هن قسم جي انوکي تدفين کي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي محبت جو لازوال داستان قرار ڏنو پيو وڃي. سنڌو ماٿري ۾ هير رانجها، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، سسئي پنهون، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي جي محبت جا لازوال داستان ته هر ڪنهن ٻڌا هوندا، پر هن جوڙي جي محبت کي ڪهڙو نالو ڏجي، ان تي سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي اڪثر ماڳن مان مليل قبرن ۾ ميتن سان کاڌي خوراڪ سان ڀريل برتن ۽ زيور گڏ دفن ڪرڻ جو رواج هيو. ڇاڪاڻ ته ان دور جا ماڻهو موت کان پوءِ ٻيهر حياتي ملڻ جي تصور ۾ يقين رکندا هئا. پر قبر ۾ به هڪ ٻئي سان محبت جو اظهار ڪرڻ جو سنڌو سڀيتا جي ڪنهن ماڳ تان مليل هي پهريون انوکو مثال آهي.
ڀارت جي 5 هزار سال قديم ماڳ راکي ڳڙهي جي 2016ع ۾ ڪوريا ۽ انڊيا جي قديم آثارن جي ماهرن کوٽائي ڪرائي. آرڪيالاجي جي ماهرن ٽن سالن تائين مرد ۽ عورت جي ان گڏيل قبر تي کوجنا ڪئي. قبر ۾ به هڪ ٻئي سان پيار جو اظهار ڪندڙ ان جوڙي جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ماڳ تي تحقيق ڪندڙ قديم آثارن جي ماهر وسنت شاندي جو چوڻ آهي ته هڪ ئي قبر ۾ ستل هي عورت ۽ مرد جيڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاري رهيا آهن، اهي يقينن پاڻ ۾ زال ۽ مڙس هوندا. ايئن لڳي ٿو ته هنن ٻنهي جو موت هڪ ئي وقت ٿيو هجي. موت وقت عورت جي عمر 35 سال ۽ مرد جي عمر 38 سال هئي. يعني هنن ٻنهي نوجواني ۾ وفات ڪئي هئي. وسنت شاندي موجب مرد جو قد 5 فوٽ 8 انچ ۽ عورت جو قد 5 فوٽ 6 انچ هيو. سندن موت جا طبي ڪارڻ معلوم ڪرڻ بعد پتو پيو آهي ته هو مرڻ وقت صحتمند هئا. جوڙي جي جسماني عضون جي ٽيسٽ مان سندن جسم تي ڪنهن به قسم جو ڌڪ لڳڻ يا ڪو عضوو ٽٽي پوڻ جو ثبوت نه مليو آهي. قسيم آثارن جي ماهرن موجب راکي ڳڙهي جي ماڳ تان عورتن ۽ مردن جي گڏيل تدفين جا اهڙا ڪي ٻيا ثبوت نه مليا آهن. ان ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن نوجوان جوڙي جو موت هڪ ئي وقت ٿيو هجي. ان ڪري کين هڪ ئي قبر ۾ دفن ڪيو ويو هجي. باقي نوجوان جوڙي جا منهن هڪ ٻئي طرف ڪري تدفين ڪرڻ سندن وچ ۾ محبت کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي هجي. راکي ڳڙهي جي قديم ماڳ وانگر گجرات ۾ به سنڌو سڀيتا جي هڪ قديم وسندي مان عورت ۽ مرد جا گڏ پوريل لاش مليا هئا.
نه فقط سنڌ ماٿري پر عورتن ۽ مردن جي گڏيل تدفين جا ان قسم جا ثبوت ٻين ملڪن جي قديم ماڳن تان به مليا آهن. اٽلي جي هڪ ڳوٺ ۾ پٿر دور جي هڪ قبرستان مان ماهرن کي هڪ اهڙي جوڙي جي قبر ملي آهي. جنهن ۾ هو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي دفن ٿيل آهن. ساڳي طرح روس ۾ به هڪ اهڙي جوڙي جي گڏيل قبر ملي آهي، جيڪي هٿ هٿ ۾ ڏئي هڪ ٻئي طرف منهن ڪري ستل آهن. يونان مان 6 هزار سال آڳاٽا اهڙا ڍانچا مليا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ستل آهن. نه فقط هو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ستل آهن، پر سندن ٻانهون ۽ ٽنگون به هڪ ٻئي سان لپٽيل آهن.
راکي ڳڙهي جي قديم ماڳ تان گڏ پوريل نوجوان جوڙي جي قبر سنڌو ماٿري جي وارثن جو 5 هزار سال آڳاٽي محبت جو لازوال داستان قرار ڏئي سگهجي ٿو.